سفر زندگي جو

سفر زندگي جو

سفر زندگي جو

سفر زندگي جو (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ جي ناليواري عوامي شاعر عبدالڪريم گدائيءَ جي زندگيءَ جي مختلف مرحلن جي مختصر احوال تي مشتمل آهي. هي ڪتاب سنڌ جي نامياري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر غلام نبي صابر سڌايي جو تصنيف ٿيل آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر الله داد ٻوهئي، ميمڻ عبدالغفور سنڌي، محمد علي سانگي، ڊاڪٽر غلام سرور سولنگي، خان محمد پنهور ۽ فتاح عابد جا ڪتاب بابت رايا شامل آهن.
هن ڪتاب ۾ گدائيءَ جي ادبي، سماجي، صحافتي ۽ سياسي زندگيءَ جو احوال آهي. هي ڪتاب عبدالڪريم گدائيءَ جي شخصيت جي ڪيترن ئي رخن کي اجاگر ڪري ٿو.
100 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) جيڪب آباد، 1980ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو